اسلام ڪوٽ ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي طرفان جانورن کي وئڪسين ڪرڻ جو سلسلو پڄاڻي تي پهتو

411 Views

اسلام ڪوٽ شهر جي مختلف محلن ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي طرفان جانورن کي وئڪسين ڪرڻ جو شروع ڪيل سلسلو پڄاڻي تي پهتو مختلف محلن ۾ 20 هزار کان مٿي مال کي وئڪسين ڪري بيماري کان بچايو ويو

خبر موجب:لائيو اسٽاڪ کاتي ٿرپارڪر طرفان اسلام ڪوٽ شهر جي مختلف محلن بجير، ڪنڀر، ميگھواڙ محله، ڪولهي محله، ڀيل محله، خاصخيلي محلن سميت ٻين محلن ۾ مال کي ايڊوانس ۾ وئڪسين ڪري ٽڪا هڻڻ جو شروع ڪيل سلسلو پڄاڻي تي پهتو ٽن هفتن ۾ مختلف محلن ۾ ويهه هزار کان مٿي مال کي وئڪين ڪئي ويئي لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسر ڊاڪٽر راج ڪمار ۽ ڊاڪٽر موهن لال جي اڳواڻي ۾ ٽيمون شهر جي سڀني محلن ۾ وڃي ڀاڳين سان ميٽنگ ڪري مال کي وئڪسين ڪئي ۽ مال کي تپاس ڪيو ويو ٻي پاسي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري ٿرپارڪر ڊاڪٽر گورڌن داس ڍاٽي گذريل ڏينهن تعلقي اسلام ڪوٽ جي مختلف وٽرنري سينٽرن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ رڪارڊ چيڪ ڪيو ۽ عملي جي ڪارڪردگي پڻ معلوم ڪئي. هن ان موقعي تي تعلقي اسلام ڪوٽ جي وٽرنري ڊاڪٽرن ۽ عملي سان هڪ گڏجاڻي پڻ ڪئي ۽ انهن کي جانورن جي علاج ۽ ويڪسين واري مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسر ڊاڪٽر راج ڪمار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان شهر جي سمورن محلن ۾ مال کي وئڪسين ڪئي آهي ۽ اسان ڪوشش ڪري ايڊوانس ۾ وئڪسين ڪندا آهيون جيئن جلد ڪو به بيماري مال کي وڪوڙي نه سگھي هن وقت شهر جي سمورن محلن ۾ 20 هزار کان مٿي جانورن کي ايڊوانس وئڪسين ڪري چڪا آهيون اسان اهو سلسلو ڊي سي ٿرپارڪر لائيو اسٽاڪ جي ڊاريڪٽر جي خاص هدايتن تي شهر ۾ شروع ڪيو آهي هن کان علاوه اسان جون ٽيمون مختلف ڳوٺن ۾ روزانه جي بنياد تي مال کي وئڪسين ڪيون ٿا اسان جي ڪوشش آهي ته وڌ ۾ وڌ ڀاڳين سان ملي مال کي بچايون

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *