اداڪاري کانپوءِ يمنيٰ زيدي ڳائڻ به شروع ڪري ڇڏيو

202 Views

ڪراچي: پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪاره يمنيٰ زيدي پنهنجي بهترين اداڪاري کانپوءِ هاڻ مداحن کي گلوڪاري سان پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي.

تازو ئي سوشل ميڊيا تي اداڪاره يمنيٰ زيدي جي هو وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هوءَ جيو انٽرٽينمينٽ جو مشهور ڊرامو”راز الفت“ جو ٽائٽل ٽريڪ جهونگاري رهي آهي.

اداڪاره يمنيٰ زيدي مشڪ جو ڪردار ادا ڪري جتي مداحن جي دلين ۾ گهر ٺاهيو ته اتي هاڻ ان جي آواز ۾ ڊرامي جو ٽائٽل ٽريڪ مداحن کي وڻي ويو.

ياد رهي ته ”راز الفت“ ۾ اداڪاره يمنيٰ زيدي اداڪار شهزاد شيخ سان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي جڏهن ته هن ڊرامي جو ٽائٽل ٽريڪ گلوڪاره آئمه بيگ ڳايو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *