سنجھوري ۾ سماجي تنظيم پاران 17 غريب ۽ لاوارث جوڙن جي اجتمائي شادي واري تقريب منقعد ڪئي وئي

261 Views

سانگھڙ ( رپورٽ خداڏنو ڪاڇائي ) سنجھوري جي شادي ھال ۾ ھڪ سماجي تنظيم پاران 17 غريب ۽ لاوارث جوڙن جي اجتمائي شادي ڪرايڻ جي تقريب منقعد ڪئي وئي سنجھوري جي النور شادي ھال ۾ ھر سال جيان عوامي ويلفير ايسوسي ايشن پاران مختلف 17 غريب ۽ لاچار لاوارث جوڙن جي اجتمائي شادي ڪرايڻ جي سلسلي ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي جھن ۾ مختلف سياسي سماجي مزھبي ادبي ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن شھرين سڄاڻ ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب دوران سماجي تنظيم پاران 17 جوڙن کي ڏاج سميت سمورو سامان فراھم ڪري سندن نڪاح ڪرايا پروگرام کي ترتيب ڏيندڙ احمد علي ـ نثار احمد ـ اشرف شاھ ـ امتياز کرل۔ حسيب جٽ ۽ ٻين جو چوڻ ھيو تھ ھن پروگرام ڪرايڻ جو فقط ھڪ مقصد ھيو جئين ڪا غريب نياڻي ڏاج نھ ھئڻ سبب شادي کان رھجي نھ وڃي ۽ احساس ڪمتري محسوس نھ ٿئي گڏوگڏ غريب نياڻن جا گھر آباد ڪرڻ ھيو ـ

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.