گذريل چئن هفتن کان مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي:خزاني جي وزارت

153 Views

اسلام آباد: خزاني جي وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل چئن هفتن کان مهاناگائي جي شرح ۾ مستقل گهٽتائي ٿي رهي آهي.

خزاني جي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ نيشنل پرائس ڪاميٽي جو هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کاڌي پيتي جي شين ۾ 0.22 گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گذريل 4 هفتن کان مهانگائي جي شرح ۾ مستقل گهٽتائي ٿي رهي آهي، اٽي، ٽماٽر، بصر ، پٽاٽي ۽ مرغي جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

بيان موجب اجلاس ۾ واپار جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته صوبائي حڪومتن ۽ ايف بي آر جي نمائندن سان گڏجائي ڪيو ته جيئن ان سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻي سگهجن. 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *