شهيد بينظير ڀٽو اسان کان جسماني طور تي ڌار آهي، پر سندس ويزن پي ڊي ايم جي صورت ۾ زنده آهي: بلاول ڀٽو زرداري

179 Views

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهيد بينظير ڀٽو اسان کان جسماني طور تي ڌار آهي، پر سندس ويزن پي ڊي ايم جي صورت ۾ زنده آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پنهنجي امڙ بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پيغام، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀلي جسماني طور اسان کان ڌار ٿي وئي، پر ڪارڪنن جي دلين ۾ سندس نظريو ۽ فلسفو زنده آهي، آصف زرداري چيو ته عوام کي ظلم ۽ غربت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين، شهيد بينظير ڀٽو جون قربانيون تاريخ ۽ عوام جي دلين ۾ آهن، پاڪستان ۾ هِن وقت به ظلم ۽ ناانصافي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عوام جي بهتر مستقبل لاءِ بينظير ڀٽو جي ڏيکاريل واٽ تي هلڻو پوندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *