ڦلجي اسٽيشن لڳ دادو ڦلجي لنڪ روڊ هنڌان هنڌان اکڙي تباهہ ٿي ويو،

168 Views

ڦلجي اسٽيشن۔۔
دادو ڦلجي لنڪ روڊ هنڌان هنڌان اکڙي تباهہ ٿي ويو، روڊ ۾ ايندڙ موريون پڻ ڀڄي پيون، روڊ تان گذرندڙ ننڍيون وڏيون گاڏيون ڪراسنگ دوارن حادثن جو شڪار ٿيڻ لڳيون
روڊ تان گذرندڙ واٽهڙن درياءُ خان جهتيال، ستار رمضان سولنگي ۽ ٻين دانهيون تہ روڊ کي ٺهندي هڪ سال ٿيو آهي پر هاڻي روڊ ڪچو رستو ٿي ويو آهي، روڊ جا ڪنارا ختم ٿي ويا آهن، هنن چيو تہ روڊ تي ايندڙ زرعي پاڻي جون ڪراسنگ واريون چارئي موريون ٽٽي پيون آهن، هاڻي روڊ موت مار روڊ طور سڏيو وڃي ٿو، چونڊيل نمائندن، پراويشنل هاءِ ويز جي نااهلي آهي جن رشوت عيوض ٺيڪيدارن کي ٺيڪو ڏئي ڪا آڊٽ نہ ڪئي
واٽهڙو ماڻهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سيشن جج دادو، ڊي سي دادو کان مطالبو ڪيو تہ روڊ تعمير ڪرائي انساني جانيون بچائڻ لاءِ اڳواٽ اپاءُ ورتا وڃن. رپورٽر۔۔
ديدار علي دستي نيوز 10
ڦلجي اسٽيشن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *