فردوس شميم جي استعيفيٰ بعد پي ٽي آءِ نئين اپوزيشن ليڊر لاءِ صلاح مشورا تيز

205 Views

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فردوس شميم نقوي تي طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ بعد پي ٽي آءِ نئين اپوزيشن ليڊر لاءِ صلاح مشورا تيز ڪري ڇڏيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته فردوس شميم نقوي جي استعيفيٰ پي ٽي آءِ قيادت کي ملي وئي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ايم پي ايز سان نئين اپوزيشن ليڊر لاءِ  صلاح مشورا جاري آهن، خرم شير زمان ۽ حليم عادل شيخ مان ڪنهن هڪ کي نئون اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جا امڪان آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *