اليڪشن ڪميشن کي آئون ته نٿو چئي سگھان پر رڳو هڪ طرفو احتساب نه ٿيڻ گھرجي: وڏو وزير مراد علي شاهه
210 Views
ٺٽو (ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڇهين آدمشماري جَي نتيجن ۾ سنڌ جَي ماڻهن سان وڏي ناانصافي ٿي آهي، رڳو سنڌ نه پر ٻيا صوبا آدمشماري نتيجن تي خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن، سنڌ جي 6 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي آدمشماري ۾4ڪروڙ ڏيکاري وئي، آدمشماري بابت سي سي آئي ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي به اعتراض واريو آهي، اعجاز شاهه شيرازي جي چاليهي جي موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آئي جي فارين فنڊيگ جو ڪيس منهنجي نظر ۾ اوپن اينڊ شٽ آهي، اليڪشن ڪميشن کي آئون ته نٿو چئي سگھان پر رڳو هڪ طرفو احتساب نه ٿيڻ گھرجي.