برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جو آمريڪي صدر جوبائيڊن سان پهريون رابطو

166 Views

برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن جي وچ ۾ پهريون ٽيليفون رابطو ٿيو آهي.

بورس جانسن جوبائيڊن کي آمريڪا جو صدر بنجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي اڳواڻن ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

برطانوي وزيراعظم آمريڪي صدر سان پهرين ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جي تصوير به ٽوئٽ ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته آمريڪا ۽ لنڊن ۾ ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن جنهن سبب فوتگين ۾ به رڪارڊ واڌ ٿي رهي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *