ملڪ ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ وئڪسين لڳائڻ واري مهم جو آغاز

175 Views

اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ وئڪسين لڳائڻ واري مهم جو آغاز، اسلام آباد ۾ اين سي او سي جي هيڊڪوارٽر ۾ تقريب دوران طبي عملي کي ڪورونا وئڪسين لڳائي وئي، تقريب کي خطاب دوران وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عوام جي سهڪار ۽ حڪومتي ڪوششن سان ڪورونا تي ڪنٽرول آندو ويو، ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون، ڪورونا جي وبا دوران فرنٽ لائين تي ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽرز ۽ هيلٿ ورڪرز قوم جا هيرو آهن، ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ڪورونا وئڪسين لڳائڻ واري مهم جو افتتاح، تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪورونا وئڪسين جا 83 هزار ڊوز مليا آهن، اهي ڊوز فرنٽ لائين ورڪرز کي ڏنا ويندا، پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ وئڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *