حڪمران جماعت مان ڪنهن ڪنهن کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ملندي؟

149 Views

اسلام آباد: حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جي طرفان ڪنهن ڪنهن کي سيينٽ جي ٽڪيٽ ملندي، ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پارلياماني بورڊ جي ڪارروائي حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. ذريعن موجب پارلياماني بورڊ جي ميمبرز پنهنجون سفارشون وزيراعظم عمران خان آڏو پيش ڪريون ڇڏيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهزاد اڪبر، ذلفي بخاري، ثانيه نشتر، عبدالرزاق دائود، بابر اعواڻ ايڊووڪيٽ، سيف الله نيازي، ڊاڪٽر زرقا ۽ نيلوفر بختيار سفارشن ۾ شامل آهن، ذريعن موجب ڪي پي مان شبلي فراز کي ٻيهر سينيٽر بڻائڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته عبدالحفيظ شيخ ۽ اتحادي جماعت مان ڪامل علي آغا به سفارشن ۾ شامل آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي نالن جي حتمي منظوري وزيراعظم عمران خان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڏيندو…

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *