فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

147 Views

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فوج جا ڪنهن سان به ڪنهن قسم جا بيڪ ڊور رابطا ناهن، پهرين به چيو هو ته فوج کي سياست ۾ نه گهلڻ گهرجي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڪنهن وٽ رابطن جا ثبوت آهن ته پيش ڪري، تحقيق بنا ڳالهه ڪرڻ ڪنهن کي به نٿو سونهين، اهڙي قسم جا افواهه بند ٿيڻ گهرجن، جاري ٿيل بيان ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان خلاف ڀارت جون سازشون ۽ ناڪاري منصوبا ناڪام ٿي ويا، پاڪستان ڀارتي سازشن جا ڊوزيئرس گڏيل قومن آڏو پيش ڪري ڇڏيا، ڊس انفو ليپ رپورٽ ۾ ڀارتي منصوبا بي نقاب ٿي ويا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *