ڦلجي پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي، گٽرن جو پاڻي رهائشي ڪالوني ۾ ڇوڙ ٿيڻ لڳو

240 Views

ڦلجي اسٽيشن
ڦلجي پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي، گٽرن جو پاڻي رهائشي ڪالوني ۾ ڇوڙ، ايس ڊي او معاملي کان اڻڄاڻ، پبلڪ هيلٿ کاتي دادو جي نااهلي سبب ڦلجي شهر جو گندو پاڻي ريلوي رهائشي ڪالوني ۾ ڇوڙ ڪيو ويو، کاتي جي عملدارن جي غلط انجنيئرنگ جي ڪري صادق آباد ڊرينيج اسڪيم جو گندو پاڻي رهائشي ڪالوني ۾ ڇوڙ ڪري ڇڏيو آهي، شهرين ۽ ٻين دانهيو تہ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهل ايس ڊي او سڪندر پنهور، سب انجنيئر رضوان ميمڻ ۽ ٻين عملدارن جي غلط ڊزائين جي ڪري سڄي ڪالوني تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهي آهي هنن چيو تہ ڌپ ۽ گندگي ۾ اسانجو جياپو مشڪل بڻجي ويو آهي، رهواسين وڌيڪ دانهيو تہ پبلڪ هيلٿ کاتي وارن جي غلط عمل جي ڪري اسان سخت پريشان آهيون، رهواسين ڊي سي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملي جي نااهلي جو نوٽيس وٺي ڪالوني مان پاڻي نيڪال ڪرائي بيمارين کان بچائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻئي پاسي معاملي بابت ايس ڊي او سڪندر پنهور رابطي تي ٻڌايو تہ مونکي معاملي جي ڪابہ ڄاڻ ناهي، مان پنهنجي عملي کان جانچ ڪيان ٿو، جيڪڏهن پاڻي رهائشي ڪالوني ۾ ڇوڙ ٿيو آهي تہ اها هيٺين عملي جي نااهلي آهي.۔۔
رپورٽر۔ ديدار علي دستي نيوز 10 ڦلجي اسٽيشن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.