بڊاڻي ۾ گذريل 4 سالن کان نينگر پرسرار بيماري ۾ مبتلا، بستري تي پيل

170 Views

بڊاڻي ۾ گذريل 4 سالن کان نينگر پرسرار بيماري ۾ مبتلا ھڪ بستري تي پيل وارثن پنھنجو گھر مال کپائي علاج ڪرايو پر نينگر ٺيڪ نه ٿي سگھيو
بڊاڻي لڳ ڳوٺ محمد بخش ڀٽو ۾ گذريل 4 سالن کان 14 سالن جو نينگر طالب حسين پٽ محمد خان ڀٽو پرسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ھڪ بستر تي پيل آھي سندس وارث محمد خان ڀٽو شاھ علي ڀٽو اصغر علي ڀٽو نوري خاتون شاھل خاتون ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته نينگر 4 سال اڳ بيمار ٿيو جنھن جو اسان علاج سکر لاڪاڻو ۽ ٻين شھرن جي اسپتالن مان ڪرايو آھي اسان پنھنجو گھر مال کپائي نينگر جو علاج ڪرايو ۽ ھاڻي اسان ڪرائي جي گھر ۾ رھون ٿا ۽ اسان پني ڪري پيٽ پالون ٿا اسان غريب آھيون ھاڻي اسان وٽ پئسا ناھن جو نينگر جو علاج ڪرايون ھنن سنڌ حڪومت ڊي سي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدا راه اسان جي نينگر جو علاج ڪرائيو ته جيئين نينگر جي زندگي بچي سگھي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *