نيب پرڏيهي وزارت جي اڳوڻي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو

580 Views

 قومي احتساب بيورو(نيب) راولپنڊي پرڏيهي وزارت جي اڳوڻي آفيسر طفيل قاضي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نيب ذريعن موجب طفيل قاضي بلغاريه ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ مقرر رهيو آهي جتي جوابدار سفارتخاني ۾ بطور اڪائونٽنٽ سرڪاري فنڊن کي نقصان پهچايو.

نيب موجب جوابدار 2013 کان 2018 تائين صوفيه بلغاريه ۾ مقرر رهيو.

ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ نيب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي به طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو جنهن ۾ کيس 12 آگسٽ تي نيب آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *