ڪورونا وائرس سبب نيوزيلينڊ ۾ هڪ دفعو ٻيهر لاڪ ڊائون لاڳو

165 Views

آڪلينڊ:  ڪورونا وائرس سبب نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ هڪ دفعو ٻيهر لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

آڪلينڊ ۾ 7 ڏينهن جو لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن جو باقاعده اعلان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن ڪيو آهي.

ملڪ جي ٻين حصن ۾ وڏي سطح تي پابنديون لاڳو رهنديون جنهن جي تحت عوامي اجتماع محدود ڪيا ويندا ۽ ٽن ڏينهن تائين شهرين کي سواءِ ضروري ڪم جي گهرن مان نڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

واضح رهي ته نيوزيلينڊ اندر 14 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي موجودگي ظاهر ٿي آهي. نيوزيلينڊ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي رفتار تمام گهٽ آهي پر هينئر تائين ڪورونا وائرس سبب 26 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 2 هزار 376 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *