نيوسعيدآباد: مھراڻ ڪالوني سانحي ۾ نامزد جوابدارن پاران صحافين کي حراسان ڪرڻ خلاف پريس ڪلب جو احتجاجي اجلاس

151 Views

مھراڻ ڪالوني سانحي جي قتل ڪيس ۾ نامزدڪيل جوابدارن قمرالدين ڪاڪا- نورالدين ڪاڪاجي ڀاء صلاح الدين ڪاڪا پاران پريس ڪلب جي صدرممتازبلال-نائب صدر سڪندرعلي سمون خلاف ڪوڙيون درخواستون ڪري حراسان ڪرڻ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب جو ھنگامي احتجاجي اجلاس صدرممتازبلال جي صدارت ھيٺ ٿيو- جنھن ۾ پريس ڪلب جي سمورن عھديدارن محمدالدين بلوچ- اسدالله ميمڻ- مشتاق راھو- راحيل ڏاھري-سڪندرسمون-سيدزمان شاھ- آصف راجپوت-قمرالدين بلوچ-فرمان بلال-راجالاکو-انورسولنگيو- ۽ ٻين شرڪت ڪئي- اجلاس ۾ ڌمڪيون ڏيندڙ-ڪوڙيون درخواستون ڪندڙن۽انھن جي پشت پناھي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جومطالبوڪيوويو ۽پ ھرين مارچ تي ضلعي ھيڊڪوارٽرمٽياري ۾ احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد ايس ايس پي آفيس مٽياري اڳيان ڌرڻوھڻڻ جو فيصلوڪيوويو-اجلاس ۾ اڳواڻن چيوته ڪوڙيون درخواستون ڪري حراسان ڪرڻ ۽ موتمارڌمڪيون ڏيڻ آزاد صحافت تي وار۽ ڪريل حرڪت آھي جنھن جي مذمت ڪجي ٿي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *