ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ گل حسن شر ۾ پورھيت مسلم موساڻي جي گھر کي باھ، معصوم ٻارڙو سڙي فوت

177 Views

ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ گل حسن شر ۾ پورھيت مسلم موساڻي جي گھر کي باھ لڳي وئي، معصوم ٻارڙو عبدالجبار سڙي فوت تفصيل مطابق ڳوٺ گل حسن شر جي رھواسي پورھيت محمد مسلم موساڻي جي گھر کي چلھ مان چڻنگ اڏامڻ ڪري باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ محمد مسلم جو معصوم ٻارڙو عبدالجبار سڙي فوت ٿي ويو ۽ وقار احمد معمولي زخمي ٿي پيو آهي ۽ ھڪ موٽر سائيڪل سميت گھر جو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي ھِن وقت پورھيت محمد مسلم موساڻي جي گھر ۾ ڪھرام متل آهي ۽ ھو کُلي آسمان هيٺ ويٺل آهي،

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *