گستاخاڻي پوسٽ تي پاڪستان جو ڀارت سان سخت احتجاج
265 Views
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي شهر بينگلور ۾ گستاخاڻي سوشل ميڊيا پوسٽ تي سخت احتجاج ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن کي پاڪستان جي سخت مذمت کان آگاهه ڪيو ويو آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته بينگلور ۾ هڪ انتهاپسند هندو توهين رسالت ڪئي، جنهن سان مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا، گستاخاڻي پوسٽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ اقليتن کي نشانو بڻائڻ جي عڪاسي آهي.
پرڏيهي ترجمان موجب ڀارتي پوليس واقعي تي احتجاج ڪندڙن تي طاقت جو استعمال ڪيو ۽ ٽن ڄڻن کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ڀارت ۾ مذهبي نفرت بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي هندوتوا پاليسي جو نتيجو آهي.