ڪراچي جي نالن تي ڪم جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهيون: چيئرمين اين ڊي ايم اي

488 Views

چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي نالن تي ڪم جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهيون.

اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل جو چوڻ هو ته پاڪ چين دوستي ماکي کان مٺي ۽ سمنڊ کان به اونهي آهي. هن چيو ته 4 مهينن کان پاڪ چين دوستي جو نئون روپ سامهون اچي ويو آهي. پاڪستان ۾ چيني سفير سان هر ميٽنگ ۾ تعاون وڌيو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته چين پاڪستان ۾ ڪورونا صورتحال دوران جيڪا امداد ڏني اها وسارڻ جوڳي نه آهي. هن چيو ته چين ماڪڙن جي تدارڪ لاءِ 50 اسپريئر يونٽس به ڏنا، پاڪستان ۾ ماڪڙن جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، ڳڻتي جي ڪابه ڳالهه ناهي.

چيئرمين اين ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪورونا گهٽ ٿي ويو آهي پر ختم ناهي ٿيو. عوام احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ نه ڇڏي. ڪراچي ۾ نالن جي صفائي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل جو چوڻ هو ته ڪراچي جي نالن تي ڪم جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهيون. سومر کان ڪراچي ۾ نالن تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.