سنڌ ثقافتي ميلو ٽنڊوآدم ۾ ٻئين ڏينهن تي گهوڙن جي ريس جا مقابلا جاري

207 Views

سنڌ ثقافتي ميلو ٽنڊوآدم ۾ پهرئين ڏينهن جي تقريبن جي پڄاڻي تي رات دير تائين محفل موسيقي جاري رهي جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن برڪت فقير. لطف فقير. سرور سهتو. شاهد جوڻيجو. فهيم خاصخيلي. رضوان ڄاماڻي گروپ. مسعود سيال. مائي زينب سميت ٻين راڳ ڳائي ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيو جڏهن ته ٽنڊوآدم ۾ جاري نج ثقافتي ميلي ۾ ثقافت جا راڳ آلاپيندڙ سنڌ جي ثقافت کاتي واري وزير سيد سردار علي شاه. ثقافت کاتي واري سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ۽ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالعليم لاشاري سميت ثقافت کاتي جي ڪنهن به عملدار عوامي ميلي ۾ شرڪت نه ڪئي سنڌ ثقافتي ميلو ٽنڊوآدم ۾ پيراگون اڪيڊمي آف اسڪولز شهدادپور جي شاگردن طرفان سنڌ امڙ کي ڀيٽا ڏيڻ جي سلسلي ۾ بهترين پرفارمنس پيش ڪئي وئي جڏهن ته ميلي ۾ ٻئين ڏينهن گهوڙن جي ريس جا مقابلا جاري آهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گهوڙي سوارن حصو ورتو آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.