اسلام ڪوٽ اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران ٽين ڏينهن به سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

147 Views

اسلام ڪوٽ اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران ٽين ڏينهن به سهولتن جي کوٽ خلاف ريلي،احتجاج،مظاهرو،
خبرموجب:اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي عملي ڪالھ ٽين ڏينهن به اسپتال کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو،ڊاڪٽر نارائڻ داس،ڊاڪٽر گهنشام داس راٺوڙ،تلسي داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عملي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي،جتي ڳالهائيندي ڊاڪٽرن چيو ته اسپتال جيئن آءِ ايڇ ايس اداري حوالي ٿي آهي،اُنهي بعد سهولتن لاءِ سِڪي ويا آهيون،هن کان بهتر هُو ته اسپتال کي سرڪار حوالي ئي رهڻ ڏنو وڃي ها،آءِ ايڇ ايس دارو مڪمل طور تي اسپتال هلائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي،جنهن سبب مريض ڏچي ۾ آهن ۽ 32 ملازمن کي پنج مهينن کان پگهارون ناهن،اسپتال ۾ ڪا به شئي ناهي،اسان مريضن جو ئين علاج ڪيون،اسين حڪومت سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون ته خدا جي واسطي نوٽيس وٺي اسپتال واپس سرڪار جي حوالي ڪئي وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو هي احتجاج مسلسل جاري رهندو،هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي آءِ ايڇ ايس جي ملازمن کي رهيل پنجن مهينن جون پگهارون جلد جاري ڪيون وڃن،

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *