سجاول شھر ۾ ميڊيڪل اسٽور غريب، اٻوجهه ماڻھن کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا

187 Views

سجاول شھر ۾ ميڊيڪل اسٽور غريب،اٻوچ ماڻھن کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا.دوائن جي بل ۾ سوين روپين جي ھيرڦير جو انڪشاف،خبرموجب:سجاول شھر جي وچ ۾ قائم ميڊيڪل اسٽور وارن دوائن جي بلن ۾ ھيرڦير شروع ڪري ڏني.ايندڙ غريب،اٻوچ،اڻ پرھيل ماڻھن کي دوائن جي بل مان سوين روپين جو گپلو ڪرڻ لڳا.سجاول جي شھرين پاران سخت ڪاور جو اظھار ڪيو ويو.سجاول جي شھري عزيز الرحمان پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو ته سجاول جي ھڪ ميڊيڪل اسٽور تان دوائون خريد ڪرڻ ويس ته ان دوائن جو بل مونکي ڏنو ويو ھو.جنھن ۾ مونکي ھيراڦيري محسوس ٿي ته پوء ان کان تمام دوائن جو ريٽ معمول ڪيو ھو ريٽ معلوم ڪيو ته اسٽور مالڪن جو ٻڌايل بل ۽ منھنجي ڪيل ٽوٽل بل ۾ فرق مليو ھو.شھري جي جاري ڪيل پوسٽ تي شھرين سخت ڪاور جو اظھار ڪندي چيو ته ھي اسٽور مالڪن غريب،اٻوچ ۽ اڻ پرھيل ماڻھن کي ٻنھي ھٿن ڦورڻ لڳا آھن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.