موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

659 Views

موسميات کاتي وفاقي گادي واري شهر سميت مٿانهين پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ ڏاکڻين اوڀرين سنڌ ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

اڄ لاهور، سيالڪوٽ، گجرات، گوجرانوالا ۽ نارووال ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ليه، بهکر ۽ ڊي جي خان ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. پشاور، ايبٽ آباد، دير، مانسهره، سوات، بونير، مردان، ڪوهاٽ، ڪرم، بنون، لسبيله، خضدار، بارکهان ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب خليج بنگال مان ايندڙ هوا جي گهٽ دٻاءُ جو سسٽم اندرون سنڌ ۾ موجود آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان وقفي وقفي سان برسات پئي. جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. سپر هاءِ وي، سرجاني، سهراب ڳوٺ، فيڊرل بي ايريا، خداداد ڪالوني ۽ طارق روڊ ۾ به برسات پئي. برسات وسائيندڙ چوماسي جو سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان ناهي.

هوا جي گهٽ دٻاءُ جو سسٽم ٺٽو، بدين ۽ ميرپورخاص مان ٿيندو مٺي ۾ داخل ٿيو آهي. اندرون سنڌ ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ هلڪي بوندا باندي جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهيو. تخت بائي، بالا ڪوٽ، دير، ڊي آءِ خان، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ کنوڻ سان گڏ برسات پئي. سڀني کان وڌيڪ برسات تخت بائي ۾ 69 ملي ميٽر جڏهن ته بالا ڪوٽ 07، دير 04 ۽ ڊي آءِ خان ۾ 01 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *