ڏهرڪي ۾ ضلعي گهوٽڪي چيئرمين حاجي خان مھر پاران مختلف اسڪيمن جو افتتاح

271 Views

ڏهرڪي (رپورٽ عبدالغفار شر )

تعلقي ڏهرڪي ۾ ضلعي گهوٽڪي چيئرمين حاجي خان مھر جو مختلف اسڪيمن جو افتتاح ڪيو،
ڳوٺ محمد خان شر، طالب خان شر، رئيس الاهي بخش چاچڙ ۽ ٻين ڳوٺن م آرو پلانٽز جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي مھر گروپ جي آڳواڻ سيد لعل شاھ، پي ٽي آء ايم پي اي سردار مير شھريار خان شر، ميان محمد اقبال ، ميان نظر محمد، حاتن خان شر، ۽ ٻين
سان گڏ مختلف يوسين جي ڳوٺن ۾ آرو پلانٽز جي اسڪيمن جي افتتاحي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي .ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي حاجي خان مھر جو چوڻ ھو ته اسان رڪاوٽن باوجود بنا ڪنهن فرق جي ھر يوسي ۾ مختلف اسڪيمون ڏنيون آهن پر پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ اسان جا مخالف مختلف حربا استعمال ڪري اسان جا رستا روڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اسان جي ڪوشش جاري رهندي ھن وڌيڪ ٻڌايو ضلعي ڪائونسل وٽ اڃا تائين مختلف اسڪيمن لاء رقم موجود آهي جنھن جو حساب ڏئي ويندس

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *