نوشھروفيروز ڀرسان ديھ ويسر چونڪي ۾ قبرستان جي زمين تان جيھڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

144 Views

نوشھروفیروز رپورٹر رانا ریاض الحسن
نوشھروفیروز ڀرسان ديھ ويسر چونڪي جي حد اگھن فقير قبرستان وٽ قبرستان جي زمين معاملي تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران فائرنگ سبب محمد صديق چانڊيو موقعي تي قتل ٿي ويو جڏھن ته ڳوٺ بنگلو محمد امين جو جو رھواسي نوجوان محمد اظھير جويو نواب شاھ اسپتال نيئندي رستي م زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 2 ڄڻا الھڏتو جويو شھباز جويو سخت زخمي ٿي پيا فوتين محمد صديق چانڊيو جو لاش سول اسپتال نوشھرو فيروز ۽ فوتي اظھير جويو جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري منتقل ڪيو ويو جڏھن ته زخمين الھڏتو جويو شھباز جويو کي فوري طور تي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد نازڪ حالت م کين نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو دريا خان مري ڦل پوليس سميت نوشھروفيروز مان وڏي پوليس جي نفري واقعي واري ھنڌ پھچي وئي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *