شوبز انڊسٽري ۾ ايمانداري سان پنهنجي موجودگي کي برقرار رکڻ تمام گهڻو مشڪل آهي

174 Views

لاهور: فريال محمود چيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ ايمانداري سان پنهنجي موجودگي کي برقرار رکڻ ۽ اڳتي وڌڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. فريال محمود جو چوڻ هو ته انسان جي عزت ان جي هٿ ۾ هوندي آهي، مون 8 سالن دوران ڪافي ڪجهه ڏٺو آهي، چيو ويندو هو ته توهان هڪ سال ڏيو، ڪٿي ٻاهر ٿا هلون،آئون چوندي هيس ته هڪ نه ٻه سال وٺو، ڪم ڪيون ٿا، اهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي جيڪا آفيس ۾ نٿي ٿي سگهي.

سڀني کان مٿي جيڪو ماڻهو هوندو آهي اهو مونکان سوال پڇندو آهي ته منهنجو رويو اهڙو خراب ڇو هوندو آهي، ڪير به توسان ڪم ڪرڻ کان ڇو لنوائيندو آهي، حالانڪه آئون پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي آهيان، وقت تي پهچي ويندي آهيان ۽ مونکي ڪنهن اداڪار سان به ڪو مسئلو ناهي.هن چيو ته آئون ماڻهن کي ان ڪري مشڪل لڳندي آهيان ڇاڪاڻ جو آئون تفريح نه ڏيندي آهيان، هنن جي واهيات ۽ فضول لطيفن تي ناهيان کلندي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *