شهباز شريف جو ڏوهه صرف نوازشريف سان وفاداري جو آهي: مريم نواز
204 Views
لاهور:مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جيترا ڀيرا به شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو ان جو ڏوهه صرف نواز شريف سان وفا جو نڪتو.
سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي شيئر ڪيل پيغام ۾ مريم نواز چيو ته 10 سال ڪٿي به ناانصافي جو ٻڌي پهچي ويندڙ کي آخرڪار انصاف ملي ويو. مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته شهباز شريف جو مقابلو ڪرڻو آهي ته خدمت ۾ ڪريو، ڪوڙن ڪيسن جي ذريعي خدمت جا نشان نٿا مٽائي سگهجن.