سنڌ ۾ ڪورونا وائرس ۾ جِي پکيڙ ۾ واڌ بعد سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو

138 Views

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس ۾ جِي پکيڙ ۾ واڌ بعد سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو، سرڪاري آفيسن ۾ 20 ۽ خانگي شعبي ۾ 50سيڪڙو ملازم اچي سگهندا،ايس او پيز نظر انداز ڪندڙن جون آفيسون سيل ڪيون وينديون.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جَي 3 اسپتالن ۾ آڪسيجن پلانٽس آهن، ڪورونا جِي پکيڙ ۾ اضافي بعد اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز کي مڪمل طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خميس کان انٽرسٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪئي ويندي.

سرڪاري آفيسن ۾ 20سيڪڙو حاضري رهندي، باقي ملازم گهرن مان ڪم ڪندا، ريسٽورنٽس ۾ اندر ۽ ٻاهران کاڌو کائڻ تي پابندي هوندي، رڳو هوم ڊليوري جي اجازت هوندي، شاپنگ مالز شام ڇهين وڳي بند ڪرڻا پوندا، ڪورونا جا ڪيس وڌڻ جِي صورت ۾ سموريون مارڪيٽس بند ڪيون وينديون. سھولتن باوجود اسان پريشان آھيون، ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رھيو آھي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *