ويرات سان ملاقات کان اڳ کيس مغرور سمجهندي هئس: انوشڪا شرما

154 Views

ممبئي: ڀارتي اداڪاره انوشڪا شرما انڪشاف ڪيو آهي ته مان پنهنجي مڙس ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪولهي کي پهرين ملاقات کان اڳ هڪ مغرور انسان سمجهندي هئس.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته ان سوچ سان گڏ ئي مان ويرات ڪولهي جي سامهون پنهنجو تڪبرانه چهرو آڏو رکيو هو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي باري ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي ماڻهن کي خبر نه آهن. اسان گڏجي هڪ اشتهار ۾ ڪم ڪيو هو جنهن ۾ اسان ڪافي مشڪل اداڪاري ڪئي. پر مان ويرات کان مٿي ئي رهڻ چاهيو ٿي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *