سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ هفتي لاءِ سياحتي ماڳ بند ڪرڻ جو فيصلو

158 Views

لاهور: سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن عيد جي موڪلن دوران سياحتي ماڳن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پنجاب ۾ 8 کان 16 مئي تائين مري ۽ پنجاب جا سمورا سياحتي ماڳ بند رهندا. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار  شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو مري يا ٻين هنڌن جو رخ نه ڪن. هن چيو ته سياحتي ماڳن کي عوام جي زندگين جي تحفظ لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شهري ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ حڪومت جي فيصلي تي عمل ڪن. ان کان علاوه لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان سميت سموري پنجاب ۾ اٺ مئي کان مڪمل لاڪ ڊائون هوندو.

صوبي ۾ هر قسم جي پبلڪ ٽرانسپورٽ به بند رهندي. شهرن جي اچڻ وڃڻ وارن رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وينديون. جتي پوليس سان گڏ رينجرز ۽ فوج جا جوان مقرر هوندا. هوڏانهن سنڌ حڪومت به  صوبي جا سمورا سياحتي ماڳ هڪ هفتي جي لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *