پريتي زنٽا کي ڪرڪيٽ ۾ به شاهه رخ ملي ويو

157 Views

ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره ۽ پنجاب ڪنگ جي شريڪ مالڪ پريتي زنٽا کي ڪرڪيٽ ۾ به شاهه رخ ملي ويو.

پريتي زنٽا ڪولڪته نائٽ رائيڊرز جي مالڪ شاهه رخ خان سان فلمن ۾ ڪم ڪيو،ٻنهي جي آءِ پي ايل جي صورت ۾ ڪرڪيٽ ۾ انٽري کانپوءِ شوقين انکي وير زارا قرار ڏين ٿا،پريٽي جي پنهنجي ٽيم ۾ به هاڻ شاهه رخ موجود ۽ هن جون خدمتون حاصل ٿيڻ تي هن نيلامي جي دوران ڪافي جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو هو.

هاڻ تامل ناڊو سان تعلق رکندڙ بيٽسمين شاهه رخ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽيم جي شريڪ مالڪ پريتي زنٽا سان تصوير شيئر ڪئي آهي، هو ڊوميسٽڪ سرڪٽ ۾ هارڊ هٽر جي طور تي مشهور آهي، هن 8 ميچن ۾ 107 رنز ٺاهيون جن ۾ 6 ڇڪا به شامل آهن.  

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *