شويتا تيواري مڙس جي زبردستي پٽ کسڻ واري وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

204 Views

ممبئي:ڀارتي ڊرامه انڊسٽري جي مشهور اداڪاره شويتا تيواري پنهنجي اڳوڻي مڙس جي وڊيو شيئر ڪئي آهي.

اداڪاره انسٽاگرام تي پنهنجي سوسائٽي جي سي سي ٽي وي ڪيمره جي وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اڳوڻو مڙس اڀينو ڪوهلي ڪهڙيءَ طرح پٽ کي کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هن ڪيپشن ۾ ٻڌايو ته هيءَ وڊيو فقط ان ڪري اپ لوڊ ڪئي ته جيئن ماڻهن کي اصل حقيقت جي خبر پوي، ٿوري دير کانپوءِ هيءَ وڊيو ڊليٽ ڪري ڇڏينديس.

شويتا تيواري جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهوئي سبب آهي جو ان جي ڪري منهنجو پٽ خوفزده رهي ٿو، جڏهن ته رات جو صحيح طرح سمهندو به ناهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *