ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾قبائلي جهيڙن خلاف سڄاڻ ڌريون سراپا احتجاج

182 Views

ڪنڌڪوٽ : ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ رتوڇاڻ ۽ قبائلي جهيڙن خلاف سڄاڻ ڌريون سراپا احتجاج بڻيل، ڪشمور ۽ تنگواڻي ۾ قومپرست ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، مظاهرين دوران وڏي انگ ۾ شهرين طرفان شرڪت.

ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ رتوڇاڻ ۽ پوليس خلاف نعريبازي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ پوليس 9 ڄڻن جي قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، قبائلي جهيڙا آئي ڏينهن انساني حياتيون ڳڙڪائي رهيا آهن، پوليس ضلعي جو امن بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڪنڌڪوٽ سوڌو ٻين ضلعن ۾ قبائلي جهيڙا ختم ڪرائڻ جو مطالبو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.