توشه خانه ريفرنس: نوازشريف اشتهاري قرار ڏيڻ واري درخواست واپس وٺي ڇڏي

232 Views

 اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف توشه خانه ريفرنس ۾ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل بئنچ توشه خانه ريفرنس ۾ احتساب عدالت جي فيصلي جي خلاف اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله نوازشريف جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي موڪل جي ضمانت جو ڇا اسٽيٽس آهي جنهن تي نوازشريف جي وڪيل جهانگير خان جدون عدالت کي ٻڌايو ته مون کي هدايتون مليون آهن ته درخواست واپس وٺي ڇڏيو.

عدالت نوازشريف جي وڪيل جهانگير خان جدون جي استدعا منظور ڪري ورتي ۽ نوازشريف جي درخواست واپس وٺڻ تي درخواست رد ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته نوازشريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا  گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جنهن کي اڳوڻي وزيراعظم چيلنج ڪيو هو.

نوازشريف توشه خانه ريفرنس ۾ احتساب عدالت ۾ نمائندي جي ذريعي ٽرائل ۾ شامل ٿيڻ جي استدعا ڪئي هئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *