بڪيراشريف وچ شهر ۾ ڏنڊا بردار ماڻهن جو نوجوان غلام علي سولنگي مٿان حملو

112 Views

بڪيراشريف
بڪيراشريف وچ شهر ۾ ڇھ ڏنڊا بردار ماڻهن جو نوجوان غلام علي سولنگي مٿان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو بڪيراشريف پوليس واقعي واري هنڌ پهچي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب بڪيراشريف وچ شهر ۾ سولنگي برادري جي ڇھ ماڻهن غلام علي سولنگي تي ڏنڊن ۽ مُڪن سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته شهر جي ماڻهن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري جاء تي پهچي ٽن ڄڻن زاهد سولنگي، وحيد سولنگي، محمد علي سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٽي نامعلوم ماڻهو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته غلام علي سولنگي جي فرياد تي ڇھ ماڻهن خلاف بڪيراشريف ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته غلام علي سولنگي کي معمولي ڌڪ لڳڻ ڪري سول اسپتال پهچايو ويو جتان علاج بعد گهر روانو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *