ڪورونا وگهي وڌيڪ ٽيهتر مريض حياتيون وڃائي ويٺا، ٻه هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

167 Views

ڪورونا وبا وڌيڪ 73 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 55 هزار 442  ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ٽيسٽن جو انگ 13.113.39 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 455 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 916.239 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 3 لک 15 هزار 410، پنجاب ۾ 3 لک 38 هزار 377، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 31 هزار 775، اسلام آباد ۾ 81 هزار 007، بلوچستان ۾ 25 هزار 001، آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 108 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 561 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 58 هزار 857 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 73 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 20 هزار 680 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 136 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 836.702 ٿي ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.