سنڌ سرڪار زڪوات کاتي جي سيڪريٽري اختر بگٽي کي هٽائي ڇڏيو
152 Views
ڪراچي(اسٽاف رپورٽ) سنڌ سرڪار زڪوات کاتي جي سيڪريٽري اختر بگٽي کي هٽائي ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشين موجب 20 هين گريڊ جي آفيسر اختر بگٽي کي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد اختيارين طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.