ڪراچي جي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ ڏهه ارب روپين جي ضرورت آهي: مراد علي شاهه

234 Views

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي خراب ٿيل صورتحال کي بهتر بنائڻ جي لاءِ 10 ارب روپين جي ضرورت آهي.

هڪ بيان ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچا جي مسئلا نوان نه پر پراڻا آهن. ڪراچي  مان ڪچرو نه کڻڻ سڀني کان وڏو مسئلو آهي اسان ڪچرو کڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ناهيون ڪري سگهيا.  مڃان  ٿو ته ڪي ايم سي وٽ وسيلن جي کوٽ آهي.

ڪي ايم سي کي نالن جي صفائي لاءِ پئسا ڏيندا رهيا آهيون ۽ گذريل 4 سالن ۾ نالن جي صفائي تي گهڻو ڪم ڪيو آهي پر ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي جديد بنائڻ جي لاءِ 10 ارب روپين جي ضرورت آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ سڀني کان وڌيڪ برسات 1977ع ۾ پئي. جڏهن ته جمعي تي ڪراچي ۾ هڪ ڪلاڪ دوران 186 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي.

هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪوآريڊينشن ڪميٽي جا 2 اجلاس ٿي چڪا آهن پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ رابطن جي کوٽ آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *