ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ گل محمد مگسي جي رهواسي جو سعد پور پوليس خلاف احتجاج

78 Views

ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ گل محمد مگسي جي رهواسي اختيار علي مگسي ڄو سعد پور پوليس خلاف ايوان صحافت پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي ڳوٺاڻي صحافين اڳيان داهيندي چيو ته اسانجو شهداد ڪوٺ جي رهواسين مگسي برادري جي لياقت محمد خان نوريز مگسي وارن سان سڱاوتي تقرار هلندڙ آھي ۔
هنن وڌيڪ چيو ته لياقت مگسي پنهنجي برادري جا ماڻھون ساڻ ڪري اسان جي گهرن مٿان حملي جي ڪوشش ڪئي پر ڳوٺ جي نيڪ مرد انهن کي واپس ڪرائي ڇڏيو جنهن کانپوء ھنن سعد پور پوليس جي اي ايس آء علي محمد سيال کي رشوت جا پئسا ڏئي منهنجي ڀائرن عاشق علي معشوق علي مگسي کي گرفتار ڪرائي ٿاڻي تي تشدد ڪرايو ۽ اي ايس آء اسان کان رشوت جا پئسا وٺي منهنجي ڀائرن کي آزاد ڪيو هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ونگارو اي ايس آء کان سختي سان پڇاڻو ڪري هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ۽ حملي جي ڪوشش ڪندڙ برادري جي ماڻھن کي گرفتار ڪري انهن مٿان حملي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻيصورت ۾ ڪورٽ جو درکڙڪائيندس
رپورٽ۔ ديدار علي دستي نيوز 10 ڦلجي اسٽيشن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *