ڦلجي اسٽيشن ۾آرائين محلا جي رهواسين جو سيپڪو عملي خلاف احتجاجي مظاهرو

229 Views

ڦلجي اسٽيشن .
آرائين محلا جي رهواسين جو سيپڪو عملي جي ظلمن خلاف ايوان صحافت پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي مظاهرو.
ان موقعي تي مظاهرين غلام مصطفا پنهور اياز علي ڪلهوڙو عبدالزاق دستي مشتياق راجپوت ۽ ٻين چيو ته سيپڪو ڦلجي جو عملو رشوت نه ڏيڻ تان اسان جي پاڙي جي بنا جواز بجلي ڪاٽي ڇڏي آھي لائين مين في گهر هڪ هزار رشوت گهري جيڪا اسان نه ڏني جنهن کان پوء سيپڪو ڦلجي جي عملي اسان جي سڄي پاڙي جي بجلي ڪٽي ڇڏي آھي بجلي نه هئڻ سبب اسان جا معصوم ٻارڙا سخت گرمي ۾ تڙپي رهيا آھن اسان سڀ گڏجي L. S سان ملياسين ۽ پنهنجا پياريل بل به ڏيکاريا سين پر ان به اسان کي خرچي پاڻي ڪرائڻ جو چيو .
احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندن جا به در کڙڪايا پر ڪير به اسان جي دانهن ٻڌڻ لاء تيار نه آھي جنهن سبب مجبور ٿي اسين روڊن تي نڪري آيا آھيون .
احتاج ڪندڙن سيپڪو جي اعلا اختيارين ۽ وس وارن کان گهر ڪبدي چيو ته اسان جي پاڙي جي بجلي جلد بحال ڪئي وڃي ٻي صورٿ ۾ x.e.n دادو آفيس جو گهيراء ڪيو ويندو .

ديدار علي دستي نيوز 10 ايٽ ڦلجي اسٽيشن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *