خانپور مهر پوليس جون ڪارروايون، چوري جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار

254 Views

خبر موجب.. ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي ھدايتن تي خانپورمهر پوليس جون روپوش جوابدارن خلاف ڪارروايون جاري آهن خانپورمهر پوليس ايس ايڇ او مٺل ککراڻي جي اڳواڻي ۾ مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪندي چوري جي ڪيس ۾ گهربل ھڪ جوابدار ڪمبير پٽ لقمان پتافي ڳوٺ لال پتافي جي رھواسي کي بندوق سميت چاڪر بنگلي وٽان گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار کي خانپورمهر ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي ايس ايڇ او خانپورمھر مٺل ککراڻي ٻڌايو ته ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي ھدايتن تي روپوش جوابدارن خلاف ڪارروايون ڪندي ھڪ روپوش جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي ھن چيو ته علائقي ۾ امن جي فضا قائم ڪرڻ ۽ سماجي براين جي پاڙ پٽڻ لاء ڏوهارين، جوارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *