سکر:نافرمان پٽ زال جي چوڻ تي پيء ماءُ سميت سڀني ڀاتين کي گهران ڪڍي ڇڏيو، متاثرن جو احتجاج

545 Views

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) سکر ۾ نافرمان پٽ گهر واري جي چوڻ تي پيء ماء سميت سڀني ڀاتين کي گهران ڪڍي ڇڏيو متاثر خاندان پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. سکر جي نئين پنڊ احمد ننگر واسي محبوب علي چنا جو چوڻ ھو ته سندس نا فرمان پٽ يعقوب علي چنا گهر واري ۽ ساهرن جي چوڻ تي مون سميت ماء زينت ۔ ڀينرن شهزادي ۽ رضوانه کي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي. هنن ٻڌايو ته يعقوب والدين کان پئسا گهريا جيڪي هو غريب هجڻ سبب ڏئي نه سگهيا سين جنهن تي مڇرجي گهر واري ۽ ساهرن جي چوڻ تي سڀني ڀاتين کي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي. هنن لاڳا پيل اختيارن کان انصاف ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آھي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *