فيس بڪ نئين فيچر جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي!

122 Views

نيويارڪ: مقبول ترين سوشل ميڊيا جي سائيٽ فيس بڪ، ٽوئيٽر جي سڀ کان اهم فيچر جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي. غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽن مطابق هاڻي ٽويٽر تي موجود ٿريڊز جو سلسلو فيس بڪ جي نيوز فيڊ تي متعارف ٿيڻ جو امڪان آهي. في الحال فيس بڪ پاران هي تجرزبو ڪجهه مشهور شخصيتن جي پيجز تي ڪيو آهي. سوشل ميڊيا جي ڪنسلٽنٽ ميٽ نوارا کي سڀ کان پهرين انهي تجربي جو پتو پيو ۽ هن ان جا اسڪرين شاٽس به ٽويٽر تي شيئر ڪيا.
ٿريڊز (سلسلي وار تحريرون) ڇا آهن؟
ٿريڊ پوسٽ ۾ نئين پوسٽ کي پراڻي پوسٽ سان ڳنڍيو ويندو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته صارف هڪ پوسٽ ذريعي ڪنهن به موضوع جي اپ ڊيٽ هڪ ئي پوسٽ وسيلي حاصل ڪري سگهندا. ان صورت ۾ هڪ مخصوص موضوع کي فالو ڪرڻ آسان هوندو. ڪمپني اڃا تائين واضح نه ڪيو آهي ته اهو فيچر مشهور شخصيتن تائين مهدود هوندو يا ٻيا ماڻهو به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *