جيڪي چوندا هئا آرپار ٿيندو، اُهي هاڻي چون ٿا ته پيرين پوڻ لاءِ به تيار آهيون: بلاول ڀٽو

70 Views

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ هنن جو نظرياتي سفر آرپار کا پيرين پوڻ تائين پهچي ويو، جيڪي چوندا هئا آرپار ٿيندو، اُهي هاڻي چون ٿا ته پيرين پوڻ لاءِ به تيار آهيون، اسان جا جيالا ڪنهن کي به پيرين نه پوندا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو راولا ڪوٽ ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران نواز ليگ تي تنقيد ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير مسئلي تي ڪنهن جي ڊڪٽيشن قبول نه ڪنداسين، ڪشميري عوام جو فيصلو اسلام آباد ۽ دهلي وارن کي تسليم ڪرڻو پوندو، ڪٺ پتلي وزير اعظم ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، هاڻ ڪشمير مان ڪٺ پتلين کي ڀڄائي ساهه پٽينداسين، عوام خودڪشين تي مجبور آھن، اسان حڪومت ۾ اچي عوام جي تقدير تبديل ڪنداسين.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *