ميرپور ساڪرو جي ڳوٺ حاجي عبدالقادر لاشاري ۾ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي پاران سوئي گئس اسڪيم جو افتتاح

85 Views

ٺٽو(ڊر)صوبائي صلاحڪار الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي پاران ميرپور ساڪرو جي ڳوٺ حاجي عبدالقادر لاشاري ۾ منظور ڪرايل سوئي گئس اسڪيم جو افتتاح پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي جن ڪيو. ان موقعي تي منعقد ڪيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي چيو تہ صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز علي شاھ شيرازي ھن ڳوٺ جي سوئي گئس اسڪيم منظور ڪرائي ھئي، پر ھن کي پنھنجي زندگي ساٿ نہ ڏنو ۽ ھو اسان کان ھميشہ لاء وڇڙي ويو اھي، جنھن اسڪيم جو اسان گڏجي افتتاح ڪيو آھي. ھنن چيو تہ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي فقيراڻي طبيعت جو مالڪ ھو، جيڪو اسان کان ڪڏھن بہ وسري نٿو سگھي، اسان سندس ڇڏيل مشن کي پاء تڪميل تائين پھچائي ضلعي جي عوام جي اڳ کان بہ وڌيڪ خدمت ڪري سندن سمورا مسئلا بنا فرق جي حل ڪنداسين. ھنن چيو تہ جلد عوام کي روزگار سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪنداسين. ان موقعي تي سيد غلام حيدر شاج شيرازي، حاجي محمد حنيف ميمڻ، عبدالغني قريشي، منصور قادر لاشاري، ديوان پرڪاش ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن تہ منصور قادر لاشاري پاران آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي لونگيون، اجرڪون پھرائي پٽڪا پڻ ٻڌرايا ويا، سوئي گئس اسڪيم واري افتتاحي تقريب ۾ مقامي ڳوٺاڻن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *