پيپلزپارٽي سنڌ مخالف اتحاد جو ٻيون اجلاس خانڳڙھ جي گوھر پيلس ۾ ٿي گذريو

94 Views

خانپور مھر (رپورٽرافتيازپتافي)خانپور مھر پيپلزپارٽي سنڌ مخالف اتحاد جو ٻيون اجلاس خانڳڙھ جي گوھر پيلس ۾ جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوھر خان مھر جي صدارت م ٿي گذريو ..خبر موجب،،،،،موجودہ سياسي صورتحال، بلدياتي توڙي عام چونڊن ۾ پ پ کي ٽف ٽائیم ڏيڻ لاء مختلف سياسي پارٽين توڙي مذھبي پارٽين سان وابسطہ اڳواڻن شرڪت ڪئي، ايم اين اي غوث بخش خان مھر، صفدر عباسي، معظم عباسي، راشد محمود سومرو، پ پ ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مھر، اڳوڻو ضلعي چيئرمين حاجي خان مھر ء ٻين اھم شخصيتن شرڪت ڪئي، جميعت علماء اسلام جي اڳواڻ راشد محمود سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ مخالف اتحاد ء ضلع سطح تي اتحاد جوڙڻ توڙي ٻين اھم سنڌ جي معاملن تي غور ويچار ڪيون پيا،اجلاس ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن بابت ڳالھ ٻولهه ٿي اسان پھريون به پ پ مخالف اتحاد جي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ڪري چڪا آهيون، سردار علي گوهر خان مھر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ھر طرف کان دانھون اچن ٿيون پيون پر پيپلزپارٽي ھن مھل تائين عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي قدم ناهن کنيا جنهن ڪري اسان سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي گڏ ڪري بلدياتي توڙي انتخابي اليڪشن ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪري رھيا آھيون ته جئين گھوٽڪي جي عوام سميت سنڌي قوم سک جو ساهه کڻي سگهي…

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *