جنگشاھي ويجھو ڪاري موري پل توڙي روڊ جو ڪم مڪمل نہ ٿيڻ خلاف رھواسي سراپا احتجاج بڻيل

68 Views

ٺٽو مراد خاصخیلی جنگشاھي ويجھو ڪاري موري پل توڙي روڊ جو ڪم مڪمل نہ ٿيڻ خلاف رھواسي سراپا احتجاج بڻجي پل وٽ روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪندي پل ۽ روڊ جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ جنگشاھي جي سياسي، سماجي ڌرين، شھرين توڙي ڳوٺاڻن پاران جنگشاھي ويجھو مڪلي/جنگشاھي روڊ تي قائم ڪاري موري پل جي زبون حالي توڙي پل ۽ روڊ جو ڪم مڪمل نہ ٿيڻ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪاري موري پل تي ڪوھستان ڊولپمينٽ جي صدر پير غلام حسين شاھ، سماجي اڳواڻ عبدالقادر شيخ، ڪامريڊ شفيق جوکيو، منير بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪري روڊ تي ويھي رھيا، جنھن ڪري ٽرئفڪ معطل ٿي ويئي، احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي پير غلام حسين شاھ، عبدالقادر شيخ ۽ ٻين چيو تہ جنگشاھي ويجھو ڪاري موري جي پل انتھائي زبون حال بڻجي ويئي آھي، جنھن ڪري حادثا ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آ…

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *