سنڌ ۾ اڄ کان 6 وڳي ڪاروبار بند، تقريبن تي مڪمل پابندي

58 Views

ڪراچي(م ڊ) سنڌ سرڪار طرفان ڪورونا پابنديون لاڳو ڪرڻ کانپوءِ اڄ کان ڪاروبار شام جو 6 وڳي بند ڪيو ويندو، ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ شاپنگ مالز، دڪان ۽ ڊيپارٽمينٽل اسٽورز شام 6 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين بند رهندا. ان کان علاوهه، اجتماع، شادين ۽ ٻين تقريبن ۾ مڪمل طور تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته سڀني هوٽلن جي داخلي ۽ ٻاهرين ڊائننگ بند ۽ ٽيڪ اوي جي سهولت رات 10 وڳي ۽ هوم ڊيليوري جي سهولت رات 12 وڳي تائين هوندي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهري عوامي هنڌن تي نه وڃي سگھندا، جڏهن ته جمعي ۽ آچر ۾ موڪل هوندي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *