حيدرآباد: ٽرانسفارمر ڌماڪو: وڌيڪ هڪ نوجوان فوت، انگ 8 ٿي ويو، 3 ڄڻا گرفتار

93 Views

حيدرآباد(ن پ ا) لطيف آباد ۾ ٽرانسفارمر کي باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، 34ورهين جي وسيم ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو، ٻئي پاسي اي سيڪشن پوليس ٽرانسفارمر ٺاهڻ جي الزام هيٺ خانگي ڪمپني جي 3 ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس چيو آهي ته جوابدار ارسلان رحماني, عاطف جٽ ۽ مجاهد آرائين ڄاڻايل ٽرانسفارمر جي مرمت ڪئي هئي،گرفتار ٿيلن جو تعلق پنجاب سان آهي جيڪي ٽرانسفارمر رپيئرنگ ڪمپني جا ملازم آهن، پوليس ٽنهي ملازمن کي رمانڊ لاءِ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 11 جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪري ڇڏيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *